منير ڀٽو بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪئي، سميع فواد ۽ سمير تنگ ڪندا هئا: بشريٰ راڄپر جو بيان

ملير: اغوا بعد مبينا زيادتي جو شڪار يارهين ڪلاس جي شاگردياڻي بشريٰ راڄپر وارو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو، متاثر شاگردياڻي بشرا راڄپر وارثن پاران اجتمائي زيادتي جي ڏنل بيان جي ابتڙ جوڊيشل مئجسٽريٽ 8 جي عدالت ۾ 164 جو بيان ڏنو، ڪيس ۾ پنجن جوابدارن عادل، سمير، فواد، سميع ۽ منير ڀٽو کي پيش ڪيو ويو، ان دوران مئجسٽريٽ آڏو بيان ۾ متاثر شاگردياڻي بشريٰ راڄپر پنجن جوابدارن مان هڪ جوابدار منير ڀٽو کي ساڻس زيادتي ڪرڻ جو بيان ڏنو، هن چيو ته منير ڀٽو مون کي بليڪ ميل ڪري موٽر سائيڪل تي کڻي ويو ۽ بليڪ ميل ڪيو ته تنهنجون تصويرون مون وٽ آھن، مان اهي سوشل ميڊيا تي رکندس، جنهن بعد هن فليٽ تي مون سان زيادتي ڪئي، مون جڏھن کيس شادي جو چيو ته هن انڪار ڪندي فليٽ مان ڪڍي ڇڏيو. بشريٰ راڄپر يو ته باقي 3 جوابدار سميع، فواد ۽ سمير تنگ ڪندا هئا، جڏهن ته هڪ جوابدار عادل بيڏوهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔