ڀارت ۾ گڏهن جي گوشت ۽ کير جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيڻ لڳو

نئين دهلي: ڀارتي رياست آندهرا پرديش جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گڏهن جي گوشت سان رڌل گاڌن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ رياست ۾ گڏهن جي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب گوڊاواري، ڪرشنا، گنٽر سميت مختلف علائقن ۾ گڏهن کي ذبح ڪري ان جو گوشت استعمال ڪيو پيو وڃي پر سرڪاري طور تي ان جي اجازت ناهي ۽ اهو غيرقانوني ڪم لڪ ڇپ ۾ ٿي رهيو آهي. گڏهن جو گوشت کائيندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي غذائيت ۽ توانائي سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو جسم جي طاقت وڌائيندو آهي ۽ مردانه طاقت ۾ به اضافو ٿيندو آهي.غيرقانوني هجڻ سبب گڏهن جو گوشت وڪرو ڪندڙن کي مهانگي اگهن تي هي گوشت خريد ڪرڻو پوندو آهي. جنسي طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي شهري صرف گڏهن جو گوشت ئي نٿا کائين پر گڏهه جو کير به پي رهيا آهن. تمام گهڻو معاوضو ملڻ سبب ڪيترائي اتان جا رهواسي هن ڪڌي ڪاروبار ۾ اچي ويا آهن ۽ گڏهن جو گوشت وڪرو ڪري رهيا آهن.وڌندڙ گهرج سبب آندهرا پرديش ۾ گڏهن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ راجستان، اترپرديش، تامل ناڊو سميت ٻين ڀارتي رياستن مان گڏهه گهرايا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔