گوگل ميپ صارفين جي لاءِ ڊارڪ موڊ پيش ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل تازو ئي سڄي دنيا جي صارفين جي لاءِ گوگل ميپ ۾ ڊارڪ موڊ کي شامل ڪيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گوگل طرفان گوگل ميپ تي ڊارڪ موڊ جي آزمائش گذريل سال سيپتمبر کان ڪئي پئي وڃي. گوگل ميپ تي ڊارڪ موڊ سان ايپ جو بيڪ گرائونڊ اڇي کان ڪاري رنگ ۾ تبديل ٿي ويندو.جڏهن ته ميپ ۾ اسٽريٽ جا نالا هلڪي سائي رنگ سان ظاهر ٿيندا. گوگل ميپ کي ڊارڪ موڊ تي آن لائن جي لاءِ صارفين کي سڀني کان پهريان گوگل ميپ جي سيٽنگ جي آپشن ۾ وڃڻو پوندو جنهن کان پوءِ انهن کي هيٺ ٿيم جو اپشن نظر ايندو.ٿيم جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ صارفين ڊارڪ موڊ جي آپشن تي ڪلڪ ڪري ان کي آن ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔