مکڻ کائڻ جا شوقين هاڻ ٿي وڃن هوشيار!

اوٽاوه: ڇا اوهان ڪمري جي ٽيمپريچر تي استعمال ٿيل مکڻ استعمال ڪندا آهيو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اوهان کي ٿيڻو پوندو هاڻ هوشيار. ڪينيڊا جي شهر يون ۾ مکڻ جي نارمل گرمي پد تي به سخت رهڻ ۽ معمول موجب نرم نه ٿيڻ تي ڳڻتي جي لهر ڊورجي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي مکڻ جي ڪوالٽي تي سوال اٿاريا ويا.غذائي ماهرن مکڻ جي سخت هجڻ جو سبب ڳئون جي خوراڪ ۾ پام آئل جي استعمال جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڊيري صنعت ان ڳالهه تي زور ڀري رهي آهي ته اها دعويٰ صحيح نه آهي پر پوءِ به انهن هن مسئلي جو حل ڳولڻ جي لا3 هڪ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي. هي سمورو معاملو ان وقت شروع ٿيو جڏهن کاڌن تي هڪ ڪتاب لکندڙ ڪينيڊين مصنف جوئي وين روزنڊال ٽوئٽر تي پوسٽ ڪئي ته ڇا اوهان اهو نوٽ ڪيو آهي ته هاڻ هي مکڻ ڪمري جي گرمي پد تي به نرم ناهي ٿي رهيو.ان پوسٽ کان پوءِ سوين جي انگ ۾ ماڻهن ان ڳالهه جي تائيد ڪئي. روزنڊال جو چوڻ آهي ته ان جو بنيادي سبب ڪورونا جي عالمي وبا دوران وڌندڙ مکڻ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڳئون جي خوراڪ ۾ ڪيل تبديليون آهن. ٻئي طرف ڪينيڊين ڊيري فارمرز جي حمايتي گروپن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ به ڳئون جي خوراڪ ۾ پام آئل جا سپليمينٽس شامل ڪيا ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔