لاڙڪاڻي ضلعي جي تيز رفتار بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي عمده ڪارڪردگي جا چرچا

لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ملتان سلطانز جو شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي عمده ڪارڪردگي جي ڪري تماشائين نهايت ئي گهڻو مقبول ٿي ويو آهي.جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به سندس مشهوري جا چرچا هلي رهيا آهن .

شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي هڪ پورهيت هاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو، جتي هو پنهنجي والدين سان گڏجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪم ڪار مان جڏهن به واندو ٿيندو هو ته ٽيپ بال تي ڪرڪيٽ ضرور کيڏندو هو .

سندس والد کي هن جي ڪرڪيٽ راند نه وڻندي هئي ، هو چاهيندو هو ته سندس پٽ پڙهي لکي ڪو وڏو آفيسر ٿئي .

هڪ ڀيري ائين ئي لاڙڪاڻي جي ريجنل ڪرڪيٽ جا عهديدار انهن جي ڳوٺ ۾ آيا ۽ سندس بالنگ ڏسي کيس لاڙڪاڻي انڊر 19 ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ، هو جڏهن ٽرائل لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته وٽس جوتا ۽ جورابا نه هئا جيڪي سندس دوست کيس ڏنا .

ٽرائل کٽي شاهنواز انڊر 19 کيڏڻ شروع ڪئي ۽ هاڻي هو ڪجهه سالن کان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي .

شاهنواز جو چوڻ آهي ته هو پاڻ کي نهايت ئي خوش قسمت سمجهي رهيو آهي جو سنڌ جي فرسٽ اليون ۾ ان کي شامل ٿيڻ جو موقعو مليو ۽هاڻي ملتان سلطان ان کي پي ايس ايل ۾ ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو آهي

هن چيو ته سندس ڳوٺ ۾ اڳ ۾ ڪنهن کي به پي ايس ايل يا ڪرڪيٽ جي خبر ئي نه هئي پر هاڻي سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ۽سڀئي خوش آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔