ميرپورخاص حيدرآباد هاءِ جو خوبصورت منظرسياحن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ٿو

ڪراچي: ميرپورخاص حيدرآباد هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان وڻڪاري ۽ ساوڪ کي ڏسي ماڻهو حيران رهجي وڃي ٿو ، ڪجهه پلن لاءِ ماڻهوءَ کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو پنهنجي ملڪ ۾ نه پر ڪنهن يورپين ملڪ ۾ موجود آهي .

ميرپورخاص حيدرآباد جو هي رستو ساوڪ ۽ وڻڪاريءَجي ڪري هر ايندڙ ويندڙ جي دل کي موهي وجهي ٿو ، هاءِ وي جي اهڙي خوبصورت منظر جي ڪري علائقي ۾ سير سفر ڪندڙن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي .

سنڌ جي مختلف علائقن جا ماڻهو هن ساوڪ کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ پري پري کان هن پاسي هلي اچن ٿا .

هن ساوڪ جو هتان جي ماحول تي  به تمام سٺو اثر پوي ٿو ، هتان گدلاڻ جو خاتمو اچڻ لڳو آهي جڏهن ته صحت مند سرگرميون پڻ وڌڻ لڳيون آهن .

هن علائقي  کي ڏسي سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن ۾ به اها خواهش جاڳي ٿي ته جيڪر هو به پنهنجي علائقي کي اهڙي ريت سرسبز بڻائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔