اليڪشن ڪميشن اين اَي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن، اين اَي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي: 18 مارچ تي سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو اعلان: اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تڪ تي ننڍي چونڊ دوران ماحول سازگار نه هو، تنهنڪري اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي: ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران 20 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مبينا اغوا واقعي بعد نون ليگ سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪيو هو، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بادشاهت واري سوچ کي شڪست آهي، تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ليگل ٽيم اڳتي جِي حڪمت عملي جوڙيندي، عثمان ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اڄ نون جي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو، تڪ تي ٻيهر چونڊ جو حڪم نون ليگ جي ناڪامي جو ثبوت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔