مشهور عالمي گالفر ٽائيگر ووڊز حادثي ۾ زخمي ٿي پيو

لاس اينجلس: گالف جي اڳوڻي عاملي نمبر ون رانديگر ٽائيگرز ووڊز لاس اينجلس ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پيو.
ميڊيا رپورٽس موجب مشهور عالمي گالف ٽائيگر ووڊز اڄ صبح لاس اينجلس ۾ ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ڪري سندس پير کي ڌڪ لڳا، کيس حادثي کانپوءِ ريسڪيو ادارن اسپتال منتقل ڪيو جتي ان جي سرجري ڪئي وئي، پوليس موجب حادثي وقت ٽائيگر اڪيلو هو ۽ گاڏي کي ڪٽي ريسڪيو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔