سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت، 404 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت ٿي ويا، 404 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هيل تائين فوت ٿيلن جو انگ 4288 ٿي ويو ۽ 294 مريض صحتياٻ ٿيڻ کانپوءِ صحتياب ٿيلن جو مجموعي انگ 238792 ٿي ويو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 12753 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 397 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 58 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن.وڏي وزير موجب ڪراچي مان 232 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، حيدرآباد ۾ 61، بدين ۾ 28 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 13 ماڻهو متاٿر ٿيا آهن.هن چيو آهي ته جيڪب آباد ۾ 12، ميرپور خاص ۾ 7، عمر ڪوٽ ۾ 6، لاڙڪاڻي ۾ 5، مٽياري ۾ به 5، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ سجال ۾ 4،4 قمبرء۽ خيرپور۽ 3،3 سکر ۾ 2، ٺٽو ۽ ڪشمور ۾ وڌيڪ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔