ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ چاليهه ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد: گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 1245 ڪيس ۽ 40 فوتگيون ٿيون.

اين سي او سي پاران جاري رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 40 چڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 12 هزار 527 جڏهن ته ڪيسز جو انگ 5 لک 68 هزار 506 ٿي ويو.

سموري ملڪ ۾ گذريل ڏينهن 34 هزار 754 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته هڪ هزار 243 ماڻهو وبا مان صحتياب ٿيا، جن جو ڪل انگ 5 لک 31 هزار 840 ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔