ڪوئٽا ۾ ڌماڪو، هڪ ايف سي اهلڪار شهيد

ڪوئٽا ۾ اولهه باءِ پاس وٽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.

ذريعن موجب اولهه باءِ پاس تي ٿيل ڌماڪي جي شدت گهڻي هجڻ ڪري ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽن اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

ٻئي طرف گهرو وزير لاڳاپيل عملدارن کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ گهري ورتي ۽ زخمين کي بهترين طبي امداد جون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔