وفاقي ڪابينا اجلاس: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظور

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا وفاقي ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جي سمري منظور ڪري ورتي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاق جي ماتحت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪئي وئي.
اجلاس ۾ وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سان 21 ارب رپيا ساليانو خرچ ايندو، پگهارن ۾ واڌ مارچ کان لاڳو ٿيندي.
اجلاس ۾ پهرين کان 19هين گريڊ جي وفاقي ملازمن جي بنيادي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، 17 وفاقي ادارن جا ملازم پگهارن ۾ واڌ کان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا، سپريم ڪورت، پي ايم سيڪريٽريٽ، نيب، عدالتن، پارليامينٽ ملازمن کي واڌ نه ملندي، پي اينڊ پينشن ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ پگهارن ۾ فرق گهٽ ڪيو پيو وڃي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن بابت به گفتگو ڪئي وئي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ ضمني چونڊ لاءِ رينجرز جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔