وزيراعظم ووٽ اوپن ڪرڻ چاهي ٿو ته اليڪشن پئڪيج ڏيڻو پوندو: ميان افتخار

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي ترجمان ميان افتخار چيو آهي ته وزيراعظم ووٽ اوپن ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي اليڪشن پئڪيج ڏيڻو پوندو، اڍائي سالن کان عوام تي نازل ٿيل هن عذاب گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان افتخار چيو ته وزير اعظم عمران خان جي زبان تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هن سخت تنقيد ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان دنيا جو پهريون نمبر ڪوڙو شخص آهي،هو سو واعدا ڪري انهن تان ڦري ويو،اسان جمهوريت خاطر سموريون سختيون برداشٽ ڪندڙ ماڻهو آهيون.هن چيو ته هاڻ وزير اعظم چئي رهيو آهي ته وڪاميل ايم پي ايز جي ويڊيوز جي باري ۾ کيس خبر ئي نه هئي.ميان افتخار چيو ته ڪيمرائن جي سامهون ڪوڙ ڳالهائڻ وزير اعظم جي مهارت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔