پي ٽي آءِ جهڙي ڪرپٽ حڪومت جهڙو ماضي ۾ مثال نٿو ملي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي جيتري ڪرپٽ حڪومت اقتدار ۾ آهي، اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي ڪرپٽ حڪومت جو مثال نٿو ملي،نيب چيئرمين کي نظر نه آيو ته ان جو جج ارشد ملڪ وڪامي ويو، ڇا هي انصاف جو نظام آهي؟ ڇا ان طرح انصاف ڪيو ويندو آهي؟عمران خان حساب ڏئي.اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي پڇيو ته ڇا نيب جو چيئرمين ستل آهي؟ان کي ڪجهه نظر نٿو اچي؟ ڇا هن کي رڳو ن ليگ نظر اچي ٿي؟ن ليگ اڳواڻ چيو ته براڊ شيٽ جي اندر 10 ارب رپيا ضايع ڪيا ويا، اڄ تائين جوابدار نه پڪڙيوويوآهي، موسوي جون ملاقاتون عمران خان، شهزاد اڪبر ۽ ڊيوڊ روز سان ڪرايو ويون.هن سوال ڪيو ته نيب چيئرمين کي نظر نٿو اچي ته ڪيئن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي چوري ڪئي وئي،احتساب جو ٻٽو معيار هلي نٿو سگهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ پئسا ڏئي ڪري ووٽ خريد ڪرڻ جي ويڊيو موجود آهي، پئسا وٺندڙ تحريڪ انصاف جا ايم پي اي هئا، جنهن پئسا ڏنا، اهو بچاءَ جو وزير آهي، پارٽي جو چيئرمين وزيراعظم آهي.ڪميٽي ۾ چور ، چور جو احتساب ڪري رهيو آهي.کنڊ ۽ ڪڻڪ ۾ گهوٻين بابت ڪميشن ويهاري وئي، پر ڪابه رپورٽ سامهون نه آئي،ٻه ارب رپيا ضايع ٿي ويا، ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض عمران خان ورتو.هن چيو ته اسان وزير اعظم عمران خان، نيب چيئرمين ۽ ان جي حوارين کي کليل چيلينج آهي، اسان ڪرپشن ڪئي ته اها ثابت ڪري ڏيکارين..هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته ميان نواز شريف پاڪستان جو شهري آهي، ٽي ڀيرا وزير اعظم رهيو آهي، ڪنهن به ڪرپٽ حڪومت کي ان جو پاسپورٽ ڪينسل ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔