آمريڪا ۾ پهريون ٿري ڊي پرنٽڊ گهر

نيويارڪ: آمريڪا پهريون ٿري ڊي گهر وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب آمريڪا پاران وڪري لاءِ پيش ڪيل ٿري ڊي گهر ۾ 3 بيڊ رومز ۽ 02 باٿ روم آهن جنهن ۾ گيراج به موجود آهي، لانگ آئس لينڊ ۾ ٺاهيل ان گهر جي قيمت تقريبن 5 ڪروڙ آهي جنهن جي اڏاوت ۾ صرف ٽن ماڻهن حصو ورتو.
ٿري ڊي گهر ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو صرف 48 ڪلاڪن جي مختصر وقت ۾ گهر ٺاهي سگهي ٿي ۽ ان گهر جي قيمت ٻين گهرن کان تمام گهٽ آهي جنهن جي اڏاوت ۾ صرف ٽي مانحو حصو وٺندا آهن.
ڪمپني جي دعوي آهي ته هي گهر 50 سالن کان وڌيڪ وقت تائين جٽادار هوندو ۽ هن گهر ۾ اهي سموريون سهولتون موجود آهن جيڪي ٻين ۾ هونديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔