اذان سميع جو پهريون گانو جاري ٿيندي ئي مشهور

ممبئي: گذريل ڏينهن گلوڪار عدنان سميع جي پٽ گلوڪار اذان سميع جي پهرئين البم جو پهريون گانو”مين تيرا“ رليز ڪيو ويو آهي.
ان گاني کي اذان پاڻ ئي لکيو آهي ۽ گاني جي وڊيو ۾ ساڻس ماهين صديقي کي ڏٺو ويو آهي.
اذان سميع جي پهرئين البم جي گاني”مين تيرا“ جي هدايت احتشام الدين ڏني آهي جڏهن ته وڊيو کي ميغيب بوس پروڊيوس ڪيو آهي.
اذان سميع جي ان گاني کي هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ لک 30 هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ اذان سميع پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ به شيئر ڪئي هئي جنهن ۾“ هن پنهنجي گاني جو پوسٽر شيئر ڪيو هو.
ان پوسٽ تي عدنان سميع خان ڪمينٽ ڪيو ته تمام گهڻو خوبصورت پيو لڳين ماشاء الله، مونکي توتي فخر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔