مهانگائي جي ماريل عوام مٿان وري بجلي جو بم ڪيرايو ويو

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جو في يونٽ 82 پيسا وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو.
نيپرا گذريل مالي سال جي آخري ڇهه ماهي جي ايڊجسٽمنٽ جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو.
نيپرا جي فيصلي موجب بجلي 82 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ سان واهپيدارن مٿان 84 ارب روپين جو ٻوجهه پوندو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن تي اطلاق وفاقي حڪومت جي منظوري ۽ نوٽيفيڪيشن کانپوءِ ٿيندو جڏهن ته فيصلي جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ تي نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔