چين بي بي سي ورلڊ مٿان پابندي هڻي ڇڏي

بيجنگ: چين برطانوي نشرياتي اداري برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) تي پابندي هڻي ڇڏي.
خبر موجب چيني عملدارن بي بي سي تي چين جي ميڊيا ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ جو الزام هڻندي ان تي پابندي هئين آهي.
چين جي نينشنل ريڊيو اينڊ ٽيليوزن ايڊمنسٽريشن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ ميڊيا جي اداري لاءِ ضروري آهي ته ان جي خبر تصديق ٿيل ۽ شفاف هجي جنهن سان چين جي قومي مفادن کي نقصان نه ٿيندو هجي.
خبر موجب بي بي سي پاران سنڪيانگ بابت خبرن ۽ ڪورونا بابت هينڊلگ بابت رپورٽس جي ڪري پابندي هئين وئي.
ان حوالي سان بي بي سي جو چوڻ آهي ته اسان کي مايوسي ٿي آهي ته چيني عملدارن اهڙو قدم کنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔