اسرائيل ايراني جوهري سائنسدان کي ڪيئن قتل ڪيو؟ نئين رپورٽ ۾ انڪشاف

تهران: گذريل سال نومبر ۾ ايران جي جوهري سائنسدان محسن فخري جي قتل ۾ اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد ملوث هئي.
جيوئش ڪرونيڪل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موساد جي ايجنٽن مختلف ٽڪرن ۾ اسمگل ڪيل ون ٽو گن ذريعي محسن فخري زاده کي قتل ڪيو.
انٽيلي جينس ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي ۽ ايراني شهرين تي مشتمل موساد جي تقريبن 20 ايجنٽن 8 مهينن جي نگراني کانپوءِ حملو ڪري ايراني جوهري سائنسدان کي قتل ڪري ڇڏيو.
الجزيره جو چوڻ آهي ته لنڊن جي اخبار ۾ اربع تي شايع ٿيل ان رپورٽ جي فوري طور تصديق نه ٿي سگهي.
البت سومر جي ڏينهن ايران جي انٽيلي جينس وزير سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو هو ته ايراني فوج جو هڪ ملازم به ان قتل ۾ ملوث هو.
ان رپورٽ جي اچڻ کانپوءِ اسرائيلي حڪومت جي ترجمان چيو هو ته هو ان طرح جي معاملن تي تبصرو ناهن ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔