پاڪستان ۾ فائيو جي ٽيڪنالوجي جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته پاڪستان فائيو جي ٽيڪنالوجي جي آزمائش دوران 1.685 گيگا بائٽس في سيڪنڊ ڊائون لوڊ جي رفتار سان گڏ پنهنجي تيز ترين انٽرنيٽ ڊيٽا جي شرح حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.
فائيو جي ٽيڪنالوي جي آزمائش جو ڪامياب تجربو ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽيلي ڪام گروپ پي ٽي سي ايل طرفان پي ٽي سي ايل هيڊ ڪوارٽر ۾ رٿيل تقريب ۾ ڪيو ويو جتي فائيو جي ٽيڪنالوجي جي آزمائش ننڍي پيماني تي ڪئي وئي.
تقريب ۾ فائيو جي ٽيڪنالوجي جي آزمائش دوران رموٽ سرجري ۽ ڪلائوڊ گيمنگ جو به سڌيءَ ريت عملي جائزو ورتو ويو.
امين الحق موجب فائيو جي ٽيڪنالوجي معاشي خوشحالي جي خواهشمند ملڪ کي اڀرندڙ ٽيڪنالوجي ماحول جو اهل بڻائيندي.
هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته مواصلات (ڪميونيڪيشن) معاشرتي، معاشي ترقي ۽ ملڪ ۾ مالي شموليت جي هٿيءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي.
تقريب ۾ ٻڌايو ويو ته ماحولياتي نظام (ايڪو سسٽم) جي قيام کان پوءِ ڊاڪٽر ڏورانهن علائقن کان غير اثرائتي سرجري ڪري سگھندا جنهن کان پوءِ معاشرتي ترقي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا جيڪي ڊجيٽل پاڪستان جي خواب کي حقيقت بڻائي ڇڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔