ڪير به ثابت ڪري ڏيکاري ته مان ڪنهن کي ووٽ جي لالچ ڏني هجي: پرويز خٽڪ

نوشهره: بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته ڪير به ثابت ڪري ڏيکاري ته مان ڪڏهن ڪنهن کي ووٽ جو لالچ ڏنو يا ووٽ جي لاءِ ڪنهن کي پئسا ڏنا هجن.

بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته  ڪنهن جي گهر ۾ پئسا ورهايا ويندا هئا ۽ ڪير ورهائيندو هو. هن گهر جو ارب پتي ماڻهو اڄ ٻيهر گيم کيڏڻ جي لاءِ تيار بيٺل آهي. هن چيو ته منهنجو ضمير صاف آهي. ڪوڙا الزام هنندڙن جو منهن ڪارو ٿيندو.

ميڊيا تي وديو ڏسي کل ايندي آهي ۽ پريشان به ٿيندو آهيان. پرويز خٽڪ چيو ته سينيٽ جي اڳوڻين چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ وديو ليڪ جي معاملي سان اپوزيشن سميت پارٽي باخبر آهي. مون کي ۽ اسپيڪر کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿين يا سيڪريٽ تحريڪ انصاف پنهنجي حصي جون سموريون سيٽون کٽيندي. جنهن جي خلاف تحريڪ هلائي انهن کي نه ڳالهين جي دعوت ڏني هئي ۽ نه ئي وري ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔