ووٽن جي خريد ۽ وڪرو اسڪينڊل لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: 2018 جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو جي وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ٻڌل جاچ ڪميٽي اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ڪميٽي تجويزن تي ٻڌل رپورٽ هڪ مهيني ۾ جمع ڪرائڻ جي پابند آهي. ذريعن موجب حڪومتي جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو. ڪميٽي وڊيو بابت سفارشون وزيراعظم کي پيش  ڪندي. ڪميٽي وڊيو معاملي تي اليڪشن ڪميشن سان رابطي تي تجويزون پيش ڪندي. ڪميٽي ملوث ماڻهن جي خلاف فوجداري ڪارروائي جي امڪانن تي تجويز ڏيندي. ڪميٽي ڪيسز نيب،  ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن ڏانهن  موڪلڻ تي به تجويزون ڏيندي.

وڊيو ۾ ڪير ڪير ملوث آهي ڪميٽي هڪ مهيني ۾ جاچ رپورٽ ڏيندي. ڪميٽي جاچ تجويزن تي بڌل رپورٽ هڪ مهيني ۾ جمع ڪرائيندي. ياد رهي ته وزيراعظم ايم پي ايز وڊيو معاملي تي 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي. ڪميٽي ۾ فواد چوڌري، شيرين مزاري ۽ شهزاد اڪبر شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔