سنڌ جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري اندروني اختلافن سبب موڪل تي روانو

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مبينا اندروني اختلافن سبب موڪل تي روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار پاران نياز عباسي کي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، ذريعن موجب سنڌ جي اطلاعات کاتي جي چارج وٺڻ کانپوءِ مبينه طور اشتهارن جي ادائگي واري معاملي تي هو عملي سان اٽڪي پيو، سيڪريٽري چارج سنڀاليندي گڏجاڻي دوران هدايت ڪئي ته سندس اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به اشتهار نه ڏنو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هدايتن تي عمل نه ٿيڻ ۽ کيس نظرانداز ڪري مرضي سان اشتهار جاري ڪرڻ واري معاملي تان سيڪريٽري ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. واضع رهي ته سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڳچ عرصي کانپوءِ مقرر ٿيل سيڪريٽري هڪ مهينو به هلي نه سگهيو. سنڌ جو اطلاعات کاتو ڪيتري عرصي کان ايڊهاڪ بنيادن تي هلندڙ هو، جنهن بعد نياز عباسي کي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔