پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏکڻ آفريقا دوري بابت شيڊول جاري

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريقا جي دوري جي شيڊول جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اپريل ۾ ڏکڻ آفريڪا جي خلاف وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز کيڏندي.
پاڪستان ٽيم شروعاتي طور تي گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪيو هو پر ڪووڊ-19 سبب دورو ممڪن نه ٿي سگھيو هو، هاڻ ان کي اپريل لاءِ ري شيڊول ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريقا کان پوءِ قومي ٽيم زمبابوي روانو ٿي ويندي جتي 17 اپريل کان سيريز شروع ٿيندي، پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻه ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون وينديون.
ٻنهي دورن کان اڳ ڪووڊ-19 جي صورتحال جو غور سان جائزو ورتو ويندو، پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا دوري ۾ ميچز ٻن شهرن جوهانسبرگ ۽ سينچورين ۾ ٿينديون، ٽئي ون ڊي ميچز آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جو حصو آهن.
شيڊول موجب ون ڊي ميچز ٻه اپريل تي سينچورين، 4 اپريل تي جوهانسبرگ ۽ 7 اپريل تي سيچورين ۾ ٿينديون، 10 ۽ 12 اپريل تي ٽي ٽوئنٽي ميچز وانڊرز اسٽيڊيم جوهانسبرگ جڏهن ته 14 ۽ 16 اپريل تي سينچورين ۾ ٿينديون.
سيريز ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز شامل هيون پر ڏکڻ آفريقا جي درخواست تي هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ جو واڌ ڪئي وئي آهي.
پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ذاڪر خان جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريقي بورڊ سان لاڳاپا مضبوط ۽ جٽادار آهن، ڪامياب دوري لاءِ پراميد آهيون.
ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا گريم سمٿ جو چوڻ آهي ته اسان محدود طرز جي ڪرڪيٽ لاءِ پاڪستانجي دوري جي شيڊول کي آخري شڪل ڏيڻ تي خوش آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔