نون ليگ سينيٽ اميدوارن ۾ پرويز رشيد، مشاهد الله خان، ساجد مير ۽ ٻيا شامل

لاهور: مسلم ليگ نواز پاران سينيٽ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن. نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پارٽي پاران پنجاب مان جن اميدوارن جا نالا فائينل ڪيا ويا آهن تن ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي اعظم نذير تارڙ، جنرل سيٽن تي پرويز رشيد، مشاهدالله خان ۽ پروفيسر ساجد مير شامل آهن. عورتن جي سيٽ تي بيريسٽر سعديه عباسي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مقامي تنظيم صوبي ۾ سينيٽ ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔