پ پ پاران پنجاب واسي پلوشه خان سنڌ مان سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوار نامزد

ڪراچي: پيپلز پارٽي طرفان سينيٽ چونڊن دوران پنجاب واسي اڳواڻ پلوشه خان کي سنڌ ۾ اميدوار طور نامزد ڪرڻ جو فيصلو، پلوشه خان جو ووٽ پنجاب مان سنڌ منتقل، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر کي به اُميدوار طور بيهارڻ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، سينيٽ مان 11 مارچ تي رٽائر ٿيندڙ ميمبرز ۾ پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ 11 سينيٽرز به شامل، سنڌ مان چونڊيل پ پ سينيٽر رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائڪ، اسلام دين شيخ، سليم مانڊوي والا، سسئي پليجو ۽ شيري رحمان هن ڀيري رٽائر ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔