نوازشريف فضل الرحمان کي فون ڪري لانگ مارچ جي ڪاميابي جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

نوازشريف ۽ فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون ڳالهه ٻولهه ۾ لانگ مارچ جي ڪاميابي جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. نوازشريف لانگ مارچ ڪامياب بنائڻ جي لاءِ فضل الحمان کي(ن) ليگ جي تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ٻنهي اڳواڻن سينيٽ چونڊن جي حوالي سان  سامهون ايندڙ وڊيو سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سينيٽ چونڊن ۾ جامع حڪمت عملي جي تحت حصو وٺندا.

ذريعن  ٻڌايو آهي ته مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي ڪرپٽ ۽ چور چوندڙن جا پنهنجا ميمبر ڪرپٽ نڪتا. ذريعن موجب فضل الرحمان اهو به چيو ته تحريڪ انصاف جي جهاز تي سوار ٿيندڙن جي لينڊنگ شروع ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔