سنڌ صوبي ۾ 12 هزار 444 اسڪول بند پيل هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ اسڪولن جي صورتحال بابت ريفارم سپورٽ يونٽ پاران رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ ۾ 49 هزار 103 اسڪولن مان 36 هزار 659 اسڪول فعال آهن، 12 هزار 444 اسڪول بند پيل آهن. اسڪولن ۾ تعليم هيٺ شاگردن جو انگ 45 لک 61 هزار 140 آهي، جڏهن ته استادن جو انگ هڪ لک 33 هزار آهي. رپورٽ م ڄاڻايو ويو آهي ته 19 هزار 469 اسڪولن ۾ بيت الخلا موجود ناهن، 31 هزار کان وڌيڪ اسڪول بجلي جي سهولت کان محروم آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 22 هزار اسڪولن کي چوديواري ڪونهي. رپورٽ موجب 26 هزار 260 اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڪونهي. سنڌ جي 47 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ لائبريري جو تصور ئي ڪونهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔