وزيراعظم سينيٽ وڊيو اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊون 2018 جي وڊيو واري معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وزيراعظم عمران خان ايم پي ايز جي پئسا وٺڻ جي وڊيو واري معاملي تي 3 رڪني ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر شامل آهي.

ذريعن موجب ڪميٽي جاچ ڪندي ته وڊيو ۾ ڪير ڪير ملوث آهي ۽ پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندو.

ڪميٽي وڊيو جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن سان رابطي بابت  تجويزون به ڏيندي ۽ ملوث ماڻهن جي خلاف فوجداري ڪارروائي جي امڪانن بابت سفارشون ڏيندي. ڪميٽي ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيسز نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڏانهن موڪلڻ تي به غور ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔