چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جو راولپنڊي ۾ لاجسٽڪس انسٽاليشنز جو دورو

راولپنڊي:چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي ۾ لاجسٽڪس انسٽاليشنز جو دورو ڪيو آهي .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آپريشنل نفري ۾ اضافي جي ون ونڊو آپريشن جي تعريف ڪئي آهي .

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه لاجسٽڪس جي ٽاپ ڪلاس سهولتن ۽ خدمتن جي به ساراهه ڪئي .

آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي اچڻ تي چيف آف لاجسٽڪس اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل اظهر صالح عباسي سندس استقبال ڪيو .

آءِ ايس پي آرموجب آرمي چيف جي دوري دوران مختلف سهولتن جي تعمير  ۽ هاڻوڪي انفراسٽرڪچر جي اپگريڊيشن تي بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آرموجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي دوري جي موقعي تي ڪوارٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عامر عباسي به موجود هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔