سينيٽ چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم لغاري پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پنجاب مان آزاد اميدوار جي طور تي ڪامياب ٿيندڙ سردار خرم لغاي پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ سينيٽ چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف کي پنجاب ۾ وڏو جهٽڪو لڳي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب مظفر ڳڙهه مان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر سردار خرم لغاري پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سردار خرم لغاري پي پي 275 مان عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجيو هو. هو باضابطه طور تي پريس ڪانفرنس دوران پارٽي ڇڏڻ جي سببن جو اعلان ڪندو.

خرم لغاري دعويٰ ڪئي آهي ته مان ئي نه پر مون سان گڏ پنج ٻيا اسيمبلي ميمبر به پارٽي ڇڏيندا. هڪ هڪ ڪري پنج ئي ميمبر پارٽي ڇڏي ڏيندا. آزاد اميدوار طور کٽي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيس. ڪيترائي ڀيرا تڪن جي مسئلن تي آواز اٿاري پر ڪوبه داد فرياد نه ٿيو.

هن چيو ته عمران خان يوٿ جو نعرو لڳايو پر بعد ۾ ان کي ڇڏي ڏنو. اڄ عمران خان جا ٽائيگر ڪٿي آهن. ڪوبه پڇڻ وارو ناهي. عمران خان کان هڪ ئي سوال آهي  ته اڄ يوٿ ڪٿي آهي. جڏهن عوام جا ئي مسئلا حل نه ٿين ته پوءِ هن عهدي جو ڪهڙو فائدو. واضح رهي ته سردار خرم لغاري ڪجهه مهينا اڳ چيئرمين ٽاسڪ فورس، پرائس ڪنٽرول جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔