پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقن جي شروعات ٿي وئي

راولپنڊي: پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقن اناترڪ اليون جي شروعات ٿي وئي آهي ٻنهي ملڪن  جي فوجي دستن وچ ۾ هي جنگي مشقون 3 هفتا جاري رهنديون.

پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل جنگي مشقون (اناترڪ اليون) جي افتتاحي تقريب اسپيشل سروسز هيڊ ڪوارٽرز تربيلا ۾ ٿيون. پاڪستان جي ايس ايس جي ۽ ترڪ اسپيشل فورسز مشقن ۾ حصو وٺنديون.

پاڪستان ۽ ترڪي جون گڏيل جنگي مشقون ٽن هفتن تائين جاري رهنديون. مشقن ۾ دهشتگردي جي انت، تلاشي ۽ گهيراءُ آپريشنز، دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪليئر ڪرڻ ۽ مغوين جي بازيابي جا آپريشن به شامل آهن.

جڏهن ته فري فال آپريشنز به تربيتي مشقن جو حصو هوندا. آءِ ايس پي آر موجب گڏيل جنگي مشقون ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائيندا ۽ ان سان عسڪري شعبن ۾ جدت ۽ نئين رجحانن مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔