سنڌ حڪومت پاران چين کان ڪورونا ويڪسين جا 2 ڪروڙ ڊوز خريد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران چين کان ڪورونا ويڪسين جا 2 ڪروڙ ڊوز   (خوراڪ ) خريد ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو ، ان ڏس ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چين جي قونصل جنرل لي بيجن سان ملاقات ڪري ڪورونا ويڪسين ۽  صحت جي سهوليتن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد عذرا پيچوهو چيو ته چين سنڌ ۾ طبي سهوليتن ۽ هيلٿ ٽيڪنالوجي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته اسان چين کي سنڌ ۾ اسپتالن ۽ صحت جي ٻين ضروري سهوليتن لاءِ نيٽ ورڪ ٺاهڻ جي دعوت ڏيون ٿا. سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي چين جي ٽريڊيشنل چائنيز ميڊيسن ( چيني روايتي طب ) جي تربيت لاءِ چين موڪليو ويندو. عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ ويڪسين جا وڌيڪ 2 ڪروڙ ڊوز گھربل آهن. ويڪسين جي سِڌي ريت خريداري جي اجازت لاءِ وفاق سان ڳالهائي رهيا آهيون. ان موقعي چين جي قونصل جنرل لي بيجن چيو ته سنڌ ۾ هيلٿ ٽيڪنالاجي جي فراهمي ۾ تعاون لاءِ چيني حڪومت سان ڳالهيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔