سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي سمورن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته وفاقي وزير ٻڌائن ته اسٽيل ملاز جو ڇا ڪرڻو آهي، رڳو پئسا ضايع ٿين پيا، پيداوار واري سيڪريٽري کي ڪا به خبر نه آهي ۽ نه ئي سرڪار پئسا ورهائڻ لاءِ هوندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيل ملز  جي نجڪاري واري معاملي جي ٻڌڻي دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سچي ڳالهه آهي ته مونکي اها به خبر ناهي ته مونکي عدالت گهرايو آهي، هتي پرائيوٽائزيشن ۽ انڊسٽري جي منسٽري جو ڪم آهي،  وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملز جي نجڪاري بابت پرائيوٽائيزيشن ۽ انڊسٽري واري منسٽري بهتر ٻڌائي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔