سنڌ جو عوام لانگ مارچ کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري کان حساب وٺندو:حليم عادل شيخ

ڪراچي : پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ حيدرآباد ۾ زبردستي مارڪيٽس بند ڪرايون ويون، سنڌ جو عوام لانگ مارچ کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري کان حساب وٺندو، ايمبولينسز ۾ پارٽي جا جهنڊا لڳائي ڪارڪنن کي کنيو پيو وڃي، پر لاشن لاءِ ايمبولينسز نٿيون ملن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ  اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي اڄ حيدرآباد ۾ ناڪام ٽولو سرڪس لاءِ گڏ ٿيو آهي، پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، نه آر ٿيو نه پار، پي ڊي ايم ٿي وئي بيڪار، جلسي ۾ برياني جي لالچ ۾ ماڻهو آندا پيا وڃن، ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پهريان انهن گاڏين جو ڀاڙو تي ايم او ڏيندا هئا هاڻي ڊي سي ڀري رهيا آهن، سنڌ حڪومت کي 7880 ارب مليا جنهن جي ڪنجي مراد علي شاهه وٽ آهي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي. ڪراچي اڄ حيدرآباد ۾ ناڪام ٽولو سرڪس لاءِ گڏ ٿيو آهي، پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، نه آر ٿيو نه پار، پي ڊي ايم ٿي وئي بيڪار،جلسي ۾ برياني جي لالچ ۾ ماڻهو آندا پيا وڃن، پهريان انهن گاڏين جو ڀاڙو تي ايم او ڏيندا هئا هاڻي ڊي سي ڀري رهيا آهن‏، سنڌ حڪومت کي 7880 ارب مليا جنهن جي ڪنجي مراد علي شاهه وٽ آهي، ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ڪوڙ، فوج تي حملي ۽ عمران خان جي ڪردار ڪشي سبب ناڪام ٿي ويو، مريم نواز جلسي ۾ چيو ته کيس فون آئي هئي، جنهن تي آئي ايس پي آر جو بيان آيو ته ثبوت ڏيو، ڪوڙا ڳالهايو پر ايترو ڳالهايو جيترو هضم ٿئي، مولانا ۽ مريم نواز جواب ڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔