رشي ڪپور جو ڀاءُ اداڪار راجيو ڪپور فوت ٿي ويو

ممبئي: ڀارتي ميڊيا موجب راجيو ڪپور کي سندس گهر ۾ دل جو دورو پيو هو جنهن سبب کيس ويجهي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر هن جي موت جي تصديق ڪئي.

ڀارتي ميڊيا موجب رنڌير ڪپور ڀاءُ جي موت جي تصدق ڪندي چيو ته مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي وڃائي ڇڏيو، هو هاڻ اسان سان ناهي.

ياد رهي ته راجيو ڪپور کي 1983 دوران رليز ٿيل فلم”ايڪ جان هين هم“ ۽ 1985 ۾ راج ڪپور جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل آخري فلم ”رام تيري گنگا ميلي هوگئي“ کان شهرت حاصل ٿي.

صرف اهو نه پر هو مشهور بالي ووڊ فلم پريم گرنٿ ۾ هدايتڪاري جا فرض به سرانجام ڏئي چڪو آهي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار راجيو ڪپور جي وڏي ڀاءُ ۽ مشهور فلمي اداڪار رشي ڪپور ادا ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔