ڪي اليڪٽرڪ بجلي هڪ روپيو چوويهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون

ڪراچي: ملڪ کي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ  شهر جي رهواسين تي نئون بجلي بم  ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جنهن جي تحت ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي 3 روپيه 24 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي.

ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارتي(نيپرا) کان بجلي جي قيمت ۾ گذريل 4 مهينن جي لاءِ واڌ ۽ 3 مهينن جي لاءِ گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي. جنهن جي منظوري کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي ٽيرف ۾ 3 روپيه 24 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان جولاِ 2020 جي لاءِ 71 پئسا، آگسٽ جي لاءِ هڪ روپيه 40 پئسا سيپٽمبر جي لاءِ هڪ روپيو 12 پئسا ۽ آڪٽوبر جي لاءِ 5 پئسا في يونٽ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

واڌ جي صورت ۾ ڪراچي جي شهرين تي 6 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. جون 2020 جي لاءِ 49 پئسا، نومبر 97 پئسا ۽ ڊسمبر جي لاءِ 16 پئسا گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کان ٽماهي ايڊجسٽمنيٽ جي به درخواست ڪئي آهي. جولاءِ کان سيپٽمبر 2020 جي لاءِ هڪ روپيو 92 پئسا في يونٽ ۽ آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين هڪ روپيو 87 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح ٽماهي بنيادن تي ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف ۾ 3 روپيه 80 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ اپريل کان جون 2020 جي لاءِ 3 روپيه 91 پئسا في يونٽ گهٽتائي گهري آهي. اهڙي طرح ٽماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 7 ارب 49 ڪروڙ روپيه بار پوندو. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 23 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔