غريب عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بنيادي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ احساس پروگرام جي تحت مستحق خاندانن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي جي فراهمي واري تجويز به غور هيٺ رهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح عام ماڻهو جو مفاد آهي ۽ مشڪل معاشي حالتن سبب غريب عوام وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته غريب عوام کي هر امڪاني ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. بنا ڪنهن سبب جي ٽيڪسز جو وزن سڀني کان وڌيڪ غريب طبقي تي پوندو آهي ان لاءِ ٽيڪسز جو وزن گهٽ ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته روزاني جي استعمال وارين کائڻ پيئڻ جي شين تي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر رضاباقر، ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔