آرڊيننس جاري ڪرڻ تي صدر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي: اختر مينگل

ڪوئٽه: بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار اختر مينگل چيو آهي ته آئين ۾ ترميم صدارتي آرڊيننس جي ذريعي ممڪن ناهي جڏهن ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن دوران آرڊيننس جاريڪ رڻ تي صدر جي خلاف آئين جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت صرف آرڊينسن ۽ آرڊيننس فيڪٽري وارن جي سهاري تي هلي رهي آهي. آئين ۾ ترميم صدارتي آرڊيننس جي ذريعي نٿي ڪري سگهجي. حڪومت سينيٽ چونڊون ڳجهي بجاءِ اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪرائن چاهي ٿي ۽ اهو آئيني ترميم سان ممڪن آهي. ان مسئلي تي حڪومت سپريم ڪورٽ کان به راءِ طلب ڪئي هئي جنهن کي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اوپن بيلٽ صرف ۽ صرف آئيني ترميم جي ذريعي ئي ممڪن آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن دوران صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. صدر جيڪڏهن اهڙو آرڊيننس جاري ڪري ته ان جي خلاف آئين جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. اختر مينگل وڌيڪ چيو ته صدر جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اپوزيشن کي سنجيدگي سان صدر جي مواخذي جو لائحه عمل تيار ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔