فوج تي دٻاءُ جو مقصد جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ آهي: فواد چوڌري

لاهور: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ٻن ٽن اڳواڻن تماشو لڳائي رکيو آهي. هر وقت هڪ اداري کي ٽارگيٽ ڪندا ته ان جو رد عمل ضرور ٿيندو. اميد آهي ته مريم ۽ فضل الرحمان پاڪ فوج جي ترجمان جي ڳالهه سمجهي ويندا. فوج تي دٻاءُ جو مقصد جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مريم نواز ۽ فضل الرحمان فوج کي ٽارگيٽ ڪندا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان افواهن بابت صاف ڳالهه ڪئي آهي. فوج حڪومت جي ماتحت ادارو آهي. ان کي تڪراري نه بنايو وڃي. بيان بازي جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهڻ آهي فوج تي دٻاءُ جو مقصد جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ آهي. پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويندو آهي. هن جو چوڻ هو ته فوج پنهنجي ڳالهه سڀني جي سامهون رکي آهي. فوج جي خلاف سياست جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔