مولانا فضل الرحمان جو مريم نواز سان فون تي رابطو، ڌيءَ جي طبيعت معلوم ڪئي

ڪراچي: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز سان فون تي رابطو، مولانا فضل الرحمان، مريم نواز کان سندس زخمي ڌيءُ جِي طبيعت معلوم ڪئي، مريم نواز جي ڌيءُ مهر النساءِ گذريل ڏينهن حادثي ۾ زخمي ٿي پئي هئي، ٻئي پاسي حڪومت مخالف اتحاد، پي ڊي ايم جو سڀاڻي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيندو، هٽڙي باءِ پاس تي جلسي گاهه ۾ ڪرسيون لڳايون ويون، 3 ڌار ڌار اسٽيج به تيار، جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا خطاب ڪندا، سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔