پاڪستان پنڊي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي

راولپنڊي: حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي جي شاندار بالنگ جي ڪري پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي پنڊي ٽيسٽ ۾ 95 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي.
راند جي آخري ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز جو آعاز ڪيو ته ايڊن مارڪرم 59 ۽ وين ڊر ڊاوسن 48 رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيا هئا.
حسن علي 127 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پهرين ڊاوسن کي آئوٽ ڪيو ۽ پوءِ فاف ڊوپليسي کي به 135 رنسن تي پويلين موڪلي ڇڏيو.
ڊوپليسي جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ مارڪرم ۽ ٽمبا باووما جي وچ ۾ 106 رنسن جي سٺي ڀائيواري قائم ٿي ۽ انهيءَ دوران مارڪرم پنهنجي سنچري مڪمل ڪئي جڏهن ته باووما ففٽي بڻائي. مارڪرم 108 رنسون بڻائي حسن علي جو شڪار بڻيو جڏهن ته باووما کي 62 رنسن تي شاهين شاهه آفريدي آئوٽ ڪيو.
حسن علي پروٽيز ڪپتان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ کي به پهرين ئي بال تي آئوٽ ڪيو جڏهن ته جارج لنڊي جي وڪيٽ حاصل ڪري حسن علي پنهنجو پنجون شڪار ڪيو.
ڏکڻ آفريقا جي سڄي ٽيم ٻي اننگز ۾ 274 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان ميچ 95 رنسن تان کٽي ورتي.
پاڪستان طرفان حسن علي 5 جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 4 ۽ ياسر شاهه هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
حسن علي ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ 5-5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ پاڪستان کي ڏکڻ آفريقا جي خلاف 18 ورهين کان پوءِ سيريز کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان آخري ڀيرو 2003ع ۾ ڏکڻ آفريا جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 272 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 201 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي جڏهن ته ٻي اننگز ۾ پاڪستان 298 رنسون اسڪور ڪري ڏکڻ آفريقا کي ڪاميابي جي لاءِ 370 رنسن جو هدف ڏنو هو.
خيال رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔