پيرڳوٺ پوليس جي حراست ۾ گهوٽ جي فوت ٿيڻ وارو معاملو لئه مٽي،پوليس کي معافي ملي وئي

ڪراڇي: پيرڳوٺ پوليس جي حراست ۾ گهوٽ جي فوت ٿيڻ وارو معاملو لئه مٽي، ايس پي هيڊڪوارٽر ۽ ڊي ايس پي پيرڳوٺ پوليس آفيسرز سان گڏجي فوتي گهوٽ اياز ڦلپوٽو جي وارثن وٽ پهچي ويا، قانون جا بخيا اُڍيڙيندڙ پوليس عملدارن طرفان گهوٽ جي وارثن کي معافي لاءِ منٿون، گهوٽ جي والد وزير علي ڦلپوٽو من ميڙ قافلي کي مانُ ڏيندي پوليس کي پُٽ جو خون معاف ڪري ڇڏيو،  منٿ ميڙ قافلي ۾ مذهبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به شامل، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته فوتي جي وارثن معاف ڪرڻ سان گڏ اُميد ظاهر ڪئي  ته ذميوار اهلڪارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، ايس پي هيڊڪوارٽر نوشيروان چانڊيو چيو آهي ته غفلت ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس متاثر ڌُر جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، پوليس منٿ ميڙ قافلي کي مانُ ڏيڻ تي متاثر ڌُر جا ٿورا به مڃيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔