پنڊي ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن: ڏکڻ آفريقا جي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي

راولپنڊي: ڏکڻ آفريقا پاڪستان جي خلاف پنهنجي پهرين اننگز ۾ 152 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان جي اڌ ٽيم پويلين واپس موٽي وئي آهي.

راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز جي شروعات 106 رنسون 4 رانديگر آئوٽ کان ڪيو پر 114 جي گڏيل رنسن تي  آفريقي ٽيم جو ڪپتان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ شاهين شاهه آفريدي جي بال تي 29 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو.

ٽمباباووما 30 ۽ ويان ملڊر 24 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 272 رنسون ٺاهيون هيون جنهن ۾ فهيم اشرف 78 ۽ بابر اعظم جون 77 رنسون نمايان رهيون. جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي انرچ نوجي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔