بلدياتي چونڊن تي ارڙنهن ارب روپيه خرچ ايندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو آهي ته بلدياتي چونڊون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن کان وڏيون آهن  ۽ ان کي منعقد ڪرڻ تي 18 ارب روپيه خرچ ايندو.

بلدياتي چونڊن بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته بلدياتي چونڊون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن کان ڪافي وڏيون آهن. پنجاب ۾ بلدياتي تڪن جو انگ 25 هزار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار آهي. بلدياتي چونڊن جي لاءِ پنجاب ۾ 20 ڪروڙ ۽ ڪي پي ڪي ۾ 10 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇپرائڻا پوندا. جڏهن ته بلدياتي چونڊن جي لاءِ بيلٽ پيپرز جو انگ عام چونڊن کان 4 ڀيرا وڌيڪ هوندو. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته بلدياتي چونڊون منعقد ڪرن تي 18 ارب روپيه خرچ ايندو. جڏهن ته پيپرز رولز جي تحت اليڪشن مواد جي خريداري ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پهرين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊون 6 اپريل ۽ ٻئي ۾ 29 مئي تي ڪرايون وڃن. جڏهن ته پنجاب ۾ 20 جون، 16 جولاءِ ۽ 8 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون. ڪينٽ ۾ 8 اپريل ۽ 29 مئي تي بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير چيو ته صوبائي ڪابينه 15 سيپٽمبر تي بلدياتي چونڊن جي تجويز ڏني ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا وڌي رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ بلدياتي چونڊون ڪرڻ مناسب نه اهي. صوبائي حڪومت بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪرائڻ چاهي ٿي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته بلدياتي قانون ۾ اهڙيون ترميمون نه ڪيون وڃن جنهن سان اليڪشن ڪميشن جو چونڊ پروگرام متاثر ٿئي.

پنجاب جي قانون واري وزير اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت سيپٽمبر ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي. البته حڪومت بلدياتي قانون ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي. پنجاب ۾ ٽن مرحلن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي تجويز سان اتفاق ڪريون ٿا. ضلعن جي بجاءِ ڊويزن ۾ مرحليوار چونڊون ڪرايون وينديون. پنجاب جي چيف سيڪريٽري چيو ته بلدياتي چونڊون آگسٽ کان اڳ نه ڪرايون وڃن ته جيئن انتظامي معاملا مڪمل ڪري وٺون. ڊي جي ملٽري لينڊ تجويز ڏني ته ڪينٽ ۾ چونڊون هڪ ئي مرحلي ۾ ڪرايون وڃن.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري  اجلاس ۾ چيو ته آدمشماري جي نتيجن جو اڃان تائين اعلان ناهي ڪيو ويو. ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته 1999ع جي آدمشماري جي بنياد تي بلدياتي چونڊون نٿا ڪرائي سگهون. اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري چيو ته عبوري آدمشماري جي نتيجن جي بنياد تي حد بندي نٿي ڪرائي سگهجي. بلوچستان ۾ بلدياتي قانون ۾ اهم ترميم آڻڻ چاهيون ٿا. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ حدبندي جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ايندڙ ٻڌڻي 5 اپريل تي ٿيندي. ان موقعي تي گهرو جوائنٽ سيڪريٽري چيو ته عبوري آدمشماري جي نتيجن جي بنياد تي حد بندي نٿي ڪرائي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔