ڪنهن کي مايوسي ڏسڻي آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تصوير ڏسي وٺي: فواد چوڌري

لاهور: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪنهن کي به مايوسي ڏسڻي آهي ته اهو مولانا فضل الرحمان جي تصوير ڏسي وٺي.

رپورٽ موجب اداڪار شان جي امڙ جي تعزيت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پي ڊي ايم کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انهن کي ڪرڻو ڇا آهي. مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جي اکين مان مايوسي نظر اچي رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي مايوسي ڏسڻي آهي ته  هو مولانا فضل الرحمان جي تصوير ڏسي وٺي. جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان کي اهي  ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن هو اڄ اسان کي مشورو ڏئي رهيا آهن، اهي ماڻهو مهانگائي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن سبب عوام بيمار ٿئي.

مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو ٻڌائي ته هو اهڙو ڇا ڪندا جو گذريل 30 سالن ۾ نه ڪري سگهيا. هنن جي ڪوشش آهي ته کين عدالت مان رليف ملي وڃي. فواد چوڌري چيو ته پي ڊي ايم وٽ ڪابه منصوبه بندي نه آهي. حڪومت اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ نٿي چاهي پر پي ڊي ايم مولانا جي مدرسي جي ٻارن ذريعي احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ۽ فرقيواريت تي ٻڌل پارٽين کي گڏ ملائڻ چاهي ٿي. اپوزيشن حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. مولانا اچي ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺي. ڌرڻي جي لاءِ ننڍو ٽينٽ ته اسان به کيس لڳرائي ڏينداسين.

وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن سان رابطو ته رهندو آهي پر رابطو  ڪندڙ خبر ناهي مريم نواز کي ٻڌائين به ٿا يا نه. مريم بي بي جي پارٽي ۾ ڪابه اهميت ناهي سندس ڪيل ڳالهه کي پارٽي جو ڪوبه ميمبر سيريس ناهي وٺندو. استعيفائون ايوان ۾ پهچڻ تي ليگي ميمبر اسپيڪر جي پيرن ۾ ويهي رهيا.

فواد چوڌري چيو ته وفاق 16 سئو ارب روپيه ڪراچي جي لاءِ ڏنا پر خبر ناهي اهي پئسا ڪٿي لڳايا ويا. پيپلز پارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي بڻجي وئي آهي. آصف زرداري پارٽي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي اهو ڪم ضياءُالحق به نه ڪري سگهيو جيڪو پارٽي سان زرداري ڪيو. مسلم ليگ(ن) به ختم ٿي وئي آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هنن سڀني کي آئون هڪ مشورو ڏيندس ته هو سڀئي ملي مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ هڪ پارٽي ٺاهي وٺن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔