سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جوعمل جاري

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي.

سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به 2 هزار 645 فرنٽ لائن ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي. صوبي ۾ گڏيل طور تي هينئر تائين 7 هزار 349 ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي. سنڌ جي صحت کاتي موجب خالق دينا هال ۾ 619، جناح اسپتال ۾ 233، ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي. ڊائو اسپتال ۾ 190، قطر اسپتال ۾ 158 هيلٿ ورڪرز کي وڪسين لڳائي وئي.

سنڌ گورنمنٽ چلڊرن اسپتال ۾ 72، لياقت آباد اسپتال ۾ 72، نيو ڪراچي اسپتال ۾ 97، سنڌ گورنمنٽ اسپتال ڪورنگي ۾ 262، ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي. ضلعي ملير ۾ 458، ڄامشورو 115، شهيد بينظير آباد ۾ 415 ويڪسين لڳائي وئي. پنجاب جي هيلٿ پروفيشنلز کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي. ميو، جناح، سروسز کان پوءِ شهر جي وڌيڪ ٽن وڏن تدريسي اسپتالن ۾ ڪورونا ويڪسين جي شروعات ڪئي وئي آهي.

چلڊرن اسپتال لاهور، جنرل اسپتال ۽ پي آءِ سي ۾ به اڄ ڪورونا ويڪسين جي شروعات ڪئي پئي وڃي. ڊين چلڊرن اسپال پروفيسر مسعود صادق ڪورونا ويڪسين لڳرائي مهم جو افتتاح ڪيو.، چلڊرن اسپتال ۾ 4 هزار هيلٿ پروفيشنلز کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.

لاهور جنرل اسپتال ۾ 6 هزار هيلٿ پروفيشنلز کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي. جڏهن ته پي آءِ سي ۾ 3 هزار هيلٿ پروفيشنلز کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔