ڀارتي اداڪاره نيها ڌوپيا ايڪيهه ڪلو وزن گهٽ ڪري ڇڏيو

ممبئي: ڀارتي اداڪاره نيها ڌوپيا جو شادي کانپوءِ 25 ڪلو وزن وڌي ويو هو جيڪو هن گهٽ ڪري ڇڏيو.
تازو اداڪاره نيها ڌوپيا ڀارتي ميڊيا کي ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته حمل دوران سندس وزن ڪافي وڌي ويو هو.
نيها ٻڌايو ته سندس مڙس ساڻس سان گهڻو نڀايو، وزن وڌي وڃڻ ڪري کيس شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو هو، ماڻهو چوندا هئا ته منهنجي زندگي ۽ ڪيريئر هاڻ بيهي ويا آهن.
اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورونا وائرس دوران لاڪ ڊائون ۾ هن 8 مهينن دوارن 21 ڪلو وزن گهٽ ڪيو آهي.
ياد رهي ته اداڪاره نيها ڌوپيا ڀارت جي مشهور ايڊوينچرس شورڊيز جو حصو آهي ۽ هوءَ پنهنجي هڪ پوڊ ڪاسٽ”نوفلٽرنيها“ جي به ميزباني ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔