ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد هڪ ڏينهن رنگ ضرور لائيندي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سموري قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي، عالمي ادارن کي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم نظر نٿا اچن، ڪشميرين جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي، ڪشميرين جي حقن جي حاصلات لاءِ عوام، سياستدان، اپوزيشن ، حڪومت ۽ پاڪ فوج هڪ آواز آهن، ڪشيرين کي هڪ ڏينهن ڀارتي ظلمن مان نجات ضرور ملندي.فريئر هال ڪراچي ۾ ڪشميرين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي ڪشميرين جي حقن جي حاصلات لاءِ عوام، سياستدان، اپوزيشن ، حڪومت ۽ پاڪ فوج هڪ آواز آهن. ناصر شاهه چيو ته سموري قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي، عالمي ادارن کي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم نظر نٿا اچن، ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد هڪ ڏينهن رنگ ضرور لائيندي ۽ ڪشميرين کي ڀارتي ظلمن مان نجات ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔