ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 53 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 53 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 11 هزار 886 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا وڌيڪ هڪ هزار 302 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا.اين سي او جي پڌرائي موجب ايڪٽو ڪيسز 32 هزار 454 ٿي ويا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ مجموعي طور تي ڪرونا جا ڪيسز 5 لک 51 هزار 842 ٿي ويا، جڏهن ته هينئر تائين 5 لک 7 هزار 502 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.ڪرونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن، جتي 4 هزار 840 شهري حياتيون وڃائي چڪا آهن.رپورٽس مطابق سنڌ ۾ 4 هزار 59، ڪي پي ۾ هڪ هزار 941، اسلام آباد ۾ 478، گلگت ۾ 102، بلوچستان ۾ 196 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 270 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔